سپريم ڪورٽ نظرثاني بورڊ پاران پرڏيهي قيدين جي آزادي جو حڪم، قيدين کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ جي هدايت

لاهور -16 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ نظرثاني بورڊ پرڏيهي قيدين جي آزادي جو حڪم ڏيندي سزا مڪمل ڪندڙ قيدين کي سندن ملڪن ڏانهن  واپس موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ نظرثاني بورڊ جو اجلاس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ منعقد ٿيو. ٻڌڻي تي پنجاب جي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ۽ سپرنٽينڊنٽ  ڪوت لکپت جيل سميت ڏرڏيهي قيدين جو معائنو ڪندڙ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ جي ڊاڪٽرن کان …

لاهور -16 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ نظرثاني بورڊ پرڏيهي قيدين جي آزادي جو حڪم ڏيندي سزا مڪمل ڪندڙ قيدين کي سندن ملڪن ڏانهن  واپس موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ نظرثاني بورڊ جو اجلاس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ منعقد ٿيو. ٻڌڻي تي پنجاب جي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ۽ سپرنٽينڊنٽ  ڪوت لکپت جيل سميت ڏرڏيهي قيدين جو معائنو ڪندڙ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ جي ڊاڪٽرن کان علاوه پنجاب حڪومت جا بيا آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي 35 مرد ۽ 4 عورت پرڏيهي قيدي سپريم ڪورٽ رجسٽري لاهور ۾ پيش ڪيا ويا. انهن قيدين تي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ ۽ اسمگلنگ جا الزام لڳايا ويا هئا، انهن قيدين جو تعلقن ڀارت، آفريقا، ڪينيا ۽ بنگلاديش سميت مختلف ملڪن سان آهي. نظرثاني بورڊ پرڏيهي قيدين کي بهتر خوراڪ ۽ طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.