صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه پاران خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جاني نقصان تي  افسوس جو اظهار

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ڪندي چيو ته هو هن ڏک جي گهڙي ۾ ساڻن سان گڏ آهي. ناصر شاهه امدادي ڪمن لاءِ ويندڙ هيلي …

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ڪندي چيو ته هو هن ڏک جي گهڙي ۾ ساڻن سان گڏ آهي. ناصر شاهه امدادي ڪمن لاءِ ويندڙ هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن کي سلامِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته فرض شناسي، بهادري ۽ ايثار جي لازوال مثال قائم ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪجي ٿو.  پيپلز پارٽي  جي اڳواڻ چيو ته خيبر پختونخوا جي متاثر علائقن جي عوام سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيون. مون سميت سنڌ جا سڀ ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪن ٿا. اسان متاثرن جي تڪليف کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ سندن بحالي لاءِ سڀني وسيلن کي ڪتب آڻڻ جو عزم رکون ٿا. سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي. يومِ اربعين امام حسينؑ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد ناصر حسين شاه چيو ته اهو ڏينهن باطل جي خلاف حق جي فتح جو ڏينهن آهي. هن چيو ته ڪربلا جو پيغام سڄي انسانيت لاءِ آفاقي پيغام آهي، حضرت امام حسينؑ جي جدوجهد ظلم خلاف ڄمي بيهڻ جو درس ڏئي ٿي ۽ هي ڏينهن عهدِ وفا جي تجديد جو لمحو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته حضرت امام حسينؑ جي قرباني امت کي اتحاد، ڀائپي ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿي، ۽ لکين عقيدتمند پنڌ ڪري امام حسينؑ  جي روضي تي پهچن ٿا جيڪو هن عقيدت ۽ محبت جو عملي اظهار آهي.