سنڌ جي وڏي وزير پاران خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالھائيندي متاثرن سان سنڌ حڪومت جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن سنگين صورتحال ۾ هر ممڪن …

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالھائيندي متاثرن سان سنڌ حڪومت جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن سنگين صورتحال ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي وطن واسين جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ زخمين جي علاج لاءِ سموريون طبي سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن جيڪي متاثر علائقن جي ڀائرن لاءِ سنڌ جي خدمت جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون. وڏي وزير چينگي بانڊه ويجهو هيليڪاپٽر حادثي ۾ 5 اهلڪارن جي شهادت تي به ڏک جو اظهار ڪيو. هن انهن اهلڪارن کي عوامي خدمت جا هيرو قرار ڏيندي سندن خاندانن سان تعزيت ڪئي ۽ هن ڏک جي گهڙي ۾ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.