سڄي ملڪ ۾ به حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

حيدرآباد -15 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور بدين، لاڙڪاڻو، سکر، دادو، نواب شاهه، ميرپُور خاص، راولپنڊي، سيالڪوٽ، فيصل آباد، ٽنڊو محمد خان، مٺي، هالا، ڀٽ شاهه، سيوهڻ، خيرپُور، شڪارپُورسميت مُلڪ جي سڀني ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ماتمي جلُوس برآمد ڪري نُوحا خواني ۽ …

حيدرآباد -15 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور بدين، لاڙڪاڻو، سکر، دادو، نواب شاهه، ميرپُور خاص، راولپنڊي، سيالڪوٽ، فيصل آباد، ٽنڊو محمد خان، مٺي، هالا، ڀٽ شاهه، سيوهڻ، خيرپُور، شڪارپُورسميت مُلڪ جي سڀني ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ماتمي جلُوس برآمد ڪري نُوحا خواني ۽ مجلسُون برپا ڪيون ويون، حيدرآباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاه مولا علي عليه السلام تان سخت سيڪيورٽي جي انتظامن هيٺ برآمد ٿيو جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو بوهري بازار ۾ مغرب جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سرفراز چاڙهي لڳ ڪربلا دادن شاهه تي پهچي پڄاڻي تي پهتو. ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا سمورن رستن تي جلوس جي نگراني ۽ حفاظت ڪندا رهيا. ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد به جلوس جي رستن ۽ جلوس جو معائنو ڪيو. چاليهي واري ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي شهر جي ڪيترن ئي رستن کي ڪنڊيدار تارون هڻي بند ڪيو ويو هو، جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ذريعي هر پل جي نگراني به ڪئي وئي.