اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ فلڊ ريليف آپريشن دوران هيليڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ هوابازن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ قوم جا هيرو آهن، انهن انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ايوان صدر جي پريس ونگ …
صدر پاران خيبرپختونخواهه ۾ فلڊ ريليف آپريشن دوران هيليڪاپٽر حادثي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ فلڊ ريليف آپريشن دوران هيليڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ هوابازن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ قوم جا هيرو آهن، انهن انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.












