اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايت تي خيبرپختونخواهه ۾ شديد برساتن، ٻوڏ واري صورتحال ۽ قيمتي جاني نقصان جي ڪري اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايف – 9 پارڪ اسلام آباد ۾ 16 ۽ 17 آگسٽ تي معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ پروگرام ملتوي ڪيو ويو. ترجمان پاران جاري بيان موجب …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايت تي 16 ۽ 17 آگسٽ تي معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ پروگرام ملتوي
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايت تي خيبرپختونخواهه ۾ شديد برساتن، ٻوڏ واري صورتحال ۽ قيمتي جاني نقصان جي ڪري اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايف – 9 پارڪ اسلام آباد ۾ 16 ۽ 17 آگسٽ تي معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ پروگرام ملتوي ڪيو ويو. ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو فيصلو برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ريليف سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. آزادي جون تقريبون وڌيڪ جوش ۽ جذبي کانپوءِ منعقد ڪيون وينديون.












