ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان آسٽريلوي سفير نيل هاڪنز جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهيون

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان آسٽريلوي سفير نيل هاڪنز ريلوي واري وزارت ۾ اهم ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ريلوي جي شعبي ۾ جديد تعاون، فني مهارت ۽ تجربن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. …

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان آسٽريلوي سفير نيل هاڪنز ريلوي واري وزارت ۾ اهم ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ريلوي جي شعبي ۾ جديد تعاون، فني مهارت ۽ تجربن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ڌرين فني تعاون، تربيتي پروگرامز ۽ سياحت تي ٻڌل ريل سروسز جي قيام جي خواهش جو اظهار ڪيو. ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ريلوي جي ترقي لاءِ حصيداري جي نون امڪانن تي روشني وڌي ۽ آسٽريليا جي اعليٰ ريلوي نظام کي ساراهيو. آسٽريلوي سفير ريلوي واري وزير طرفان ريلوي ۾ ڪيل سڌارن جي ساراهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي قدم پاڪستان ۾ ريلوي جي شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تحفن جي ڏي وٺ پڻ جيڪا دوستاڻن لاڳاپن جي علامت آهي.