اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي، بارڊر سيڪيورٽي ۽ منشيات جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو پاڪستان جي 78 هين آزادي واري ڏهاڙي تي گهرو وزير محسن نقوي ۽ پاڪستاني قوم …
گهرو وزير محسن نقوي سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو جي ملاقات
اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي، بارڊر سيڪيورٽي ۽ منشيات جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي بابت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوگرفو پاڪستان جي 78 هين آزادي واري ڏهاڙي تي گهرو وزير محسن نقوي ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪون ڏنيون. ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي وارن شعبن ۾ معلومات جي مٽاسٽا کي موثر بڻائن تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ غير معمولي بهتري آئي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون عالمي لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ شفافيت، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جو عنصر نمايان آهي. محسن نقوي چيو ته بهترين موقعو آهي ته گڏيل لاڳاپن کي هر شعبي ۾ هٿي ڏني وڃي، دهشتگردي جي خاتمي واري ڊائلاگ سان گڏيل لائحه عمل بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آمريڪا طرفان پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ پابندي مڙهيل مجيد برگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ ساراهه جوڳا قدم آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ آمريڪا تعاون جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. گريگوري لوگرفو چيو ته پاڪستان جيو اسٽريٽجڪ لحاظ کان انتهائي اهم ملڪ آهي، هن دهشتگرد حملن ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.












