اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽالي بيڪر ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خاص ڪري ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪامياب جي طرف گامزن آهي ۽ …
ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور جي ملاقات، پاڪ آمريڪا واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق
اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نيٽالي بيڪر ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خاص ڪري ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ڪامياب جي طرف گامزن آهي ۽ موڊيز جي هاڻوڪي اپ گريڊنگ جنهن ٽنهي وڏين عالمي ريٽنگ ايجنسين جي پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي کي مثبت راءِ کي هم آهنگ ڪري ڇڏيو آهي، واضح ثبوت آهي ته حڪومت جا مشڪل پر ضروري سڌارا جاتي قدم مثبت نتيجا ڏئي رهيا آهن. هن پاڪستان جي جرئتمنداڻي ۽ اڻٽر ٽيرف سڌارن کي اجاگر ڪيو جيڪي واپار کي آزاد ڪرڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي طرف ملڪ کي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪا طرفان پاڪستان کي جاري اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون تي ٿورو مڃيو ۽ واشنگٽن ڊي سي جي پنهنجي هاڻوڪي دوري جو ذڪر ڪيو جتي هن جون آمريڪي واپار واري وزير هاورڊلٽ نڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي سفير جيمسين گريئر سان ملاقاتون ٿيون ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. وفاقي وزير زور ڀريو ته اهي معاهدا توانائي، معدني وسيلن، آءِ ٽي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين شعبن ۾ معاشي تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندا جنهن سان مارڪيٽ تائين رسائي وڌندي، سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي معاهدا آمريڪي سيڙپڪاري کي پاڪستان جي انفرا اسٽرڪچر، ترقياتي منصوبن، ڊجيٽل ۽ مائننگ سيڪٽرز طرف راغب ڪندا جيڪي عملي قدمن ۽ اڳڀرائي لاءِ تيار آهن. نٽالي بيڪر چيو ته هي واپاري معاهدا پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهن، هن ٻڌايو ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن خاص ڪري سپلائي چين، پيداوار، پروجيڪٽ مينيجمينٽ، توانائي، قيمتي معدني وسيلن، مائننگ ۽ تيل جي ڳولا جي شعبن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيون آهن. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته هو ويجهي تعاون ذريعي انهن منصوبن کي اڳتي وڌائيندا ته جيئن گڏيل فائدي جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي.












