سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي صورتحال جي روشني ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي ٿي، انٽرنيٽ جي بندش سميت سيڪيورٽي معاملن بابت گهرو وزارت فيصلا …

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي صورتحال جي روشني ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي ٿي، انٽرنيٽ جي بندش سميت سيڪيورٽي معاملن بابت گهرو وزارت فيصلا ڪندي آهي. سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي، ٽيليفون سروس مڪمل طور فعال آهي، امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي قدم کنيا ويندا آهن. بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار ۾ اسڪول تي حملا ڪيا ويا، عام شهرين کي انهن جي سڃاڻپ ڏسي نشانو بڻايو ويو.