وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر علائقن ۾ ڀرپور امدادي ڪارروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر علائقن ۾ ڀرپور امدادي ڪارروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت جو ڌيان ريليف ۽ ريسڪيو قدمن تي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف …

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر علائقن ۾ ڀرپور امدادي ڪارروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت جو ڌيان ريليف ۽ ريسڪيو قدمن تي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورا ادارا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ واري صورتحال کان مڪمل طور تي آگاهه آهي ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ هدايتون جاري ڪري رهيو آهي، وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر کي خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن سان مسلسل رابطو رکڻ ۽ امدادي سرگرمين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ هڪ خصوصي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي سان 24 ڪلاڪ رابطي ۾ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران وزيراعظم شهباز شريف ٽي ڀيرا اين ڊي ايم اي جو دورو ڪري ذاتي طور تي ريسڪيو ۽ ريليف قدمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته حڪومت جو ڌيان ريليف ۽ ريسڪيو قدمن تي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورا ادارا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي گم ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته انساني جانين کي محفوظ بڻائڻ جي لاِ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ آگاهي نظام سان خيبرپختونخواهه سميت سمورين صوبائي حڪومتن کي باقاعدگي سان آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي، اين ڊي ايم اي جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر 24 ڪلاڪ فعال آهي ۽ صورتحال تي سخت نظر رکيو رهيو آهي.