جنيوا-15 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته جيڪي ملڪ سڀني کان وڌيڪ پلاسٽڪ استعمال ڪن ٿا، اهي ئي سڀني کان وڌيڪ گرين فنانسنگ مان فائدو کڻي رهيا آهن، جڏهن ته اسرندڙ ملڪ پلاسٽڪ گدلاڻ جي ماحولياتي ۽ سماجي ۽ معاشي اثرن جو سڀني کان وڌيڪ بار برداشت ڪري رهيا آهن. ماحولياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان …
اسرندڙ ملڪ پلاسٽڪ گدلاڻ جي اثرن جو سڀني کان وڌيڪ بار برداشت ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ
جنيوا-15 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته جيڪي ملڪ سڀني کان وڌيڪ پلاسٽڪ استعمال ڪن ٿا، اهي ئي سڀني کان وڌيڪ گرين فنانسنگ مان فائدو کڻي رهيا آهن، جڏهن ته اسرندڙ ملڪ پلاسٽڪ گدلاڻ جي ماحولياتي ۽ سماجي ۽ معاشي اثرن جو سڀني کان وڌيڪ بار برداشت ڪري رهيا آهن. ماحولياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي ڊاڪٽر مصدق ملڪ اها ڳالهه جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ پلاسٽڪ گدلاڻ بابت عالمي ڳالهين واري ڪميٽي (آءِ اين سي-5.2) جي پنجين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش، مصر، تاجڪستان، ملائيشيا ۽ سوڊان جي وفدن سان هڪ بين الرياستي بريفنگ ۽ خيالن جي جي تفصيلي ڏي وٺ دوران پاڪستان جي قيادت ڪئي، ڳالهين جو محور عالمي پلاسٽڪ معاهدي لاءِ منصفاڻي ۽ موثر لائحه عمل تي علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ گرين فنانسنگ ۾ موجود عدم توازن جو ازالو هو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ نشاندهي ڪئي ته جيڪي ملڪ سڀني کان وڌيڪ پلاسٽڪ استعمال ڪندا آهن، اهي ئي سڀني کان وڌيڪ گرين فنانسنگ مان فائدو کڻي رهيا آهن، جڏهن ته اسرندڙ ملڪ پلاسٽڪ گدلاڻ جي ماحولياتي ۽ سماجي ۽ معاشي اثرن جو سڀني بار برداشت ڪري رهيا آهن. هن پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي سطح تي اهڙي مالياتي ڍانچي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي جي قدمن جي وڪالت ڪئي وڃي جيڪي موسمياتي ۽ ماحولياتي چيلنجز سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن تائين سهڪار جي موثر پهچ يقيني بڻائڻ.












