اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ عيدميلادالنبي کي ڀرپور عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي عزم تي ٻڌل متفقه ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽر عرفان الحق صديقي طرفان پيش ڪيل ان ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته نبي پاڪ جي ولادت باسعادت کي 1500 سال مڪمل جي تاريخي سنگ ميل کي ڀرپور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن ۾ خاص …
سينيٽ پاران عيد ميلادالنبي کي ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي عزم تي ٻڌل متفقه ٺهراءُ منظور
اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ عيدميلادالنبي کي ڀرپور عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي عزم تي ٻڌل متفقه ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽر عرفان الحق صديقي طرفان پيش ڪيل ان ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته نبي پاڪ جي ولادت باسعادت کي 1500 سال مڪمل جي تاريخي سنگ ميل کي ڀرپور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن ۾ خاص چراغان ڪيو ويندو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ نبي پاڪ سان محبت ۽ عقيدت جا مظاهرا ٿيندا. ٺهراءُ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ان تاريخي موقعي تي سموري قوم اهو عهد تازه ڪري ته نبي ڪريم جي سيرت طيبه کي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جو رهنما بڻايو ويندو، ته جيئن پاڪستان اهڙو معاشرو بڻجي سگهي جيڪو امن، ڀائيچاري، عدل، انصاف ۽ اعليٰ اخلاقيات جي عملي تصوير هجي. ايوان ان موقعي کي مسلمان امت لاءِ اتحاد، اخوت ۽ اعليٰ اخلاق جي تجديد جو پيغام قرار ڏنو.












