اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته حق جي ويڙهه ۾ حصو وٺڻ وارن شھيدن ۽ غازين کي ايوارڊ ڏنا ويا آھن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ھن چيو ته الحمدالله ان جنگ ۾ اسان جا گھٽ فوجي آفيسر ۽ اھلڪار شھيد ٿيا. ان سان گڏو گڏ انھن ماڻھن کي به ايوارڊ ڏنا ويا جن جا گھر جنگ دوران …
حق جي ويڙهه ۾ حصو وٺڻ وارن شھيدن ۽ غازين کي ايوارڊ ڏنا ويا آھن: قانون وارو وفاقي وزير
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته حق جي ويڙهه ۾ حصو وٺڻ وارن شھيدن ۽ غازين کي ايوارڊ ڏنا ويا آھن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ھن چيو ته الحمدالله ان جنگ ۾ اسان جا گھٽ فوجي آفيسر ۽ اھلڪار شھيد ٿيا. ان سان گڏو گڏ انھن ماڻھن کي به ايوارڊ ڏنا ويا جن جا گھر جنگ دوران تباھه ٿيا. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ان موقعي تي مان سمجھان ٿو ته اسان کي دل وڏو ڪرڻ گھرجي ۽ سمورن طبقن جي قربانين کي ساراھڻ گھرجي. ھن وڌيڪ چيو ته قائداعظم جي تصوير نه ڇاپڻ جي حوالي سان اھا ڳالھه سندس علم ۾ ھاڻي آئي آھي ۽ ان تي سندس به دل آزاري ٿي آھي. ھن يقين ڏياريندي چيو ته ان معاملي جي باقائده انڪوائري ڪئي ويندي ۽ ايوان کي مڪمل طور آگاھه ڪيو ويندو. قانون واري وفاقي وزير آزادي جي ڏھاڙي جي موقعي تي مختلف ادارن طرفان جاري اشتھارين جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان جي باني جو احترام ڪريون ٿا، ھن ڪاروان جو مير ڪاروان قائداعظم محمد علي جناح آھي ۽ ھو ئي اسان جو فخر آھي.












