اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عوامي جمهوريه بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عوامي جمهوريه بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ڊسمبر ۾ قاهره ۾ ڊي 8 سربراهي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان پنهنجي ملاقات ۽ لاڀائتين ڳالهين جو ذڪر ڪندي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ميڪنزم جي بحالي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان واپار ۽ عوام کان عوام تائين رابطن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن پاران سفر، واپار ۽ رابطي کي آسان بڻائڻ لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ دوستي جي تاريخي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي، کيس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس دور ۾ پاڪستان-بنگلاديش لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جاري رهندي.











