اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي بُلند درجن ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ادارا امدادي …
صدر پاران ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي بُلند درجن ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ادارا امدادي سرگرميون تيز ڪن ۽ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. صدر زخمين کي فوري ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











