اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان جي 78هين آزاديءَ واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ پوري قوم کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ڏينهن قربانين، جدوجهد آزاديءَ جي خوابن جي تعبير جو ڏينهن آهي، پاڪستان الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي، جنهن جو قدر هر شهريءَ تي فرض آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو آهي ته پاڪستان جو قيام مقدر هو، هي ڪنهن جي بخشش ناهي پر اسان جي جدوجهد جو صلو آهي. رت، ڳوڙها ۽ شهادتون اهي قيمت هيون جيڪي آزاديءَ لاءِ ادا ڪيون ويون، اڄ جو پاڪستان انهن قربانين جي بنياد تي قائم آهي. هن آزاديءَ جي ڏيئي کي روشن ڪرڻ لاءِ لکين مسلمانن بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، جن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وطن جي امن ۽ دفاع خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيد اسان جي سر جا تاج آهن، انهن جي عظيم قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي. وفاقي وزير وطن جي شهيدن جي خاندانن جي عزم ۽ حوصلي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته وطن جي شهيدن جا خاندان اسان جا پنهنجا خاندان آهن. گهرو وزير چيو ته حق جي ويڙهه ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏئي پاڪستان ثابت ڪيو ته ايمان، اتحاد، تنظيم اڄ به اسان جي طاقت، سُڃاڻپ ۽ بقا جي سڀ کان وڏي ضمانت آهي. پاڪستان دشمن کي واضح ۽ ڀرپور جواب ڏنو ته 2025ع جو پاڪستان آهي جيڪو دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. گهرو وزير چيو ته حق جي ويڙهه جي فتح کانپوءِ يومِ آزاديءَ جي خوشين کي چار چنڊ لڳي ويا آهن. پاڪستان جو بچاءُ اڻمٽ آهي ۽ ڪوبه دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جهڙا سونهري اصول پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ضامن آهن ۽ انشاءَ الله قوم هر چئلينج مان سرخرو ٿي نڪرندي. يومِ آزاديءَ تي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ نئين عزم۽ سوچ سان اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايون ٿا.