اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده يومِ آزاديءَ جي موقعي تي ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سڀني پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هي تاريخي ڏينهن اسان جي بزرگن جي بيشمار قربانين جي ياد ڏياري ٿو، جن اسان کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن ڏيارڻ لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي ته جيئن اسان عزت، انصاف ۽ آزاديءَ سان زندگي گذاري سگهون. هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جي آزادي مسلسل جدوجهد، اتحاد ۽ پُختي ايمان جي نتيجي ۾ حاصل ٿي هئي. وفاقي وزير زور ڀريو ته اسان جي اجتماعي ذميداري آهي ته اسان ان قربانين جو احترام ڪندي هڪ مضبوط خوشحال ۽ پُرامن پاڪستان لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. هن بابرڪت موقعي تي هن هر شهري کان نيڪ نيتي ۽ لڳن سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان وابستگيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان کي اجتماعي طور پنهنجي چئلينجز جو بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي قوم جي بي لوث خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.