اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستاني عوام کي يومِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏنيون آهن. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مارڪو روبيو دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ واپار جهڙن شعبن ۾ آمريڪا سان پاڪستان جي تعاون جي ساراهه ڪئي ۽ هن ٻه طرفن لاڳاپن خاص طور تي اهم معدني وسيلن ۽ هائيڊرو ڪاربن جهڙن اهم شعبن کي هٿي ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي. مارڪو روبيو چيو ته اسان متحرڪ ڪاروباري حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ جا منتظر آهيون جيڪي آمريڪين ۽ پاڪستانين لاءِ هڪ خوشحالي مستقبل کي هٿي ڏينديون. واضح رهي ته هي پيغام پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي واشنگٽن جي ارادي جي نشاندهي ڪري ٿو. ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪري رهيا آهن.