اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز کي معرڪه حق دوران صحافت ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي تمغه امتياز سان نوازيو ويو. ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران صدر آصف علي زرداري بدر شهباز وڙائچ کي تمغه امتياز عطا ڪيو. بدر شهباز وقت سر ۽ صحيح اطلاعات جي فراهمي جي ذريعي قومي موقف کي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو. هن ميڊيا ۾ پاڪستان جي بيانيي کي ڪاميابي سان پيش ڪري مخالف پروپئگنڊه ناڪام بڻائي. بدر شهباز وڙائچ هڪ اهڙي قوم جو آواز بڻيو جنهن جو دشمن جعلي خبرن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه تي دارومدار ڪري رهيو هو. بدر شهباز وڙائچ جون پيشيواراڻيون صلاحيتون ۽ ميڊيا حڪمت عملي ملڪي وقار جي فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيون.