اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني يومِ آزاديءَ جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن نه صرف آزاديءَ جي قيمتي نعمت ياد ڏياري ٿو پر ان عظيم جدوجهد ۽ بي مثال قربانين جو به اثاثو آهي جيڪي برصغير جي مسلمانن پاڪستان جي قيام لاءِ ڏنيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ هن چيو ته اسان جي بزرگن ۽ اڳواڻن گهر ٻار، ملڪيتون ۽ جانيون قربان ڪري هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جو قيام ممڪن بڻايو. جتي اسان پنهنجي دين، ثقافت ۽ روايتن موجب زندگي گذاري سگهون. اهي قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه هونديون، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هڪ پُرعزم ۽ متحد قوم منزل حاصل ڪري سگهي ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو قيام علامه اقبال جي خواب جي تعبير ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي جرئتمنداڻي قيادت جو ثمر هو. هن چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان اُڀريو. آزادي هڪ نعمت آهي ۽ ان جي حفاظت، بقا، استحڪام هر پاڪستانيءَ جو گڏيل فرض آهي. سيد يوسف رضا گيلاني سڀني پارليامينٽيرينز تي زور ڀريو ته هو سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ نيڪ نيتيءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي هن هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جيڪي پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جا محافظ آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي به ياد ڪيو جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکيو پيا اچن ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين اهي پنهنجي منزل حاصل نٿا ڪري وٺن.