اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان قوم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي آزاديءَ جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته سڀ پنهنجون ذميداريون ديانت سان نڀائين، ۽ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هيءَ آزادي اسان کي قربانين عيوض ملي آهي. يومِ آزاديءَ جي 78هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڀ پنهنجون ذميداريون ديانتداريءَ سان نڀائين ۽ عوام جي خوشحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابيءَ تي قوم کي فخر آهي. وفاقي وزير چيو ته جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي قومي يڪجهتيءَ جو پيغام ڏيان ٿو. پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي وٺڻ وڃڻ سڀني جي ذميداري آهي، آزاديءَ جو قدر ڪريون ۽ ملڪ لاءِ ڪم ڪريون. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص ۾ فتح اسان جي تاريخ جو سونهري باب آهي. هن ادارن تي اعتماد، مضبوط ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو.