يومِ آزادي حوصلي، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جي علامت، ملڪي سالميت جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن حوصلي، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جي علامت، پاڪستان جي سالميت جو تحفظ اسان جو پهريون فرض آهي. ترقيءَ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ قرباني ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي رستن مان اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائينداسين. جهاز راني قومي معيشت ۾ …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن حوصلي، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جي علامت، پاڪستان جي سالميت جو تحفظ اسان جو پهريون فرض آهي. ترقيءَ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ قرباني ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي رستن مان اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائينداسين. جهاز راني قومي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بندرگاهن جي ترقيءَ سان واپاري موقعا وڌندا. جنيد انوار چوڌري چيو ته سامونڊي وسيلن جي استعمال لاءِ نيون پاليسيون ترقيءَ جون ضمانت آهن. سامونڊي معاملن واري وزارت روشن مستقبل لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي.