سپريم ڪورٽ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب، خاص مهمان چيف جسٽس پاڪستان هو

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) يومِ آزاديءَ جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، جتي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان جهنڊو ڦڙڪايو. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ رٿيل تقريب جو خاص مهمان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي هو. مهمانن ۾ ٻيا جج ۽ وڪيل به شريڪ هئا. ان موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ قومي ترانو وڄايو ويو. تقريب ۾ ٻارن …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) يومِ آزاديءَ جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، جتي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان جهنڊو ڦڙڪايو. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ رٿيل تقريب جو خاص مهمان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي هو. مهمانن ۾ ٻيا جج ۽ وڪيل به شريڪ هئا. ان موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ قومي ترانو وڄايو ويو. تقريب ۾ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس ۽ ججن ٻارن ۾ تحفا ورهايا. ان موقعي تي ٻارن چيف جسٽس سان گڏ جشنِ آزاديءَ جو ڪيڪ ڪٽيو.