وزيراعظم شهباز شريف آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان مونومنٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو، شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا

اسلام آباد – 14 - آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان مونومنٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهيدن جي يادگار تي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو. علائقائي لباس پهريل ننڍڙن ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم ٻارن سان پيار …

اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان مونومنٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهيدن جي يادگار تي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو. علائقائي لباس پهريل ننڍڙن ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم ٻارن سان پيار ڪيو. ان موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ قومي ترانو وڄايو ويو. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل چاڙهيا ۽ ملڪ تي جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ٻارن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سردار محمد يوسف، پروفيسر احسن اقبال ۽ محمد حنيف عباسي کانسواءِ وڏي انگ ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.