حق جي ويڙهه ۾ سمورن پاڪستانين گڏ ٿي نه صرف روايتي ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته اسان گڏجي پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪنداسين. حق جي ويڙهه ۾ سمورن پاڪستانين گڏ ٿي نه صرف روايتي ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ به پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ”حق جي ويڙهه“ ۽ آزاديءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته اسان گڏجي پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪنداسين. حق جي ويڙهه ۾ سمورن پاڪستانين گڏ ٿي نه صرف روايتي ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ به پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ”حق جي ويڙهه“ ۽ آزاديءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان اڄ پاڪستان جو 78هون آزاديءَ وارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون جنهن جي سڄي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿي. هن چيو ته لکين قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان 78 سال اڳ وجود ۾ آيو، علامه اقبال جي سوچ ۽ قائداعظم جي محنت جي نتيجي ۾ آزادي حاصل ٿي، هاڻ اسان آزاديءَ سان هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجون خواهشون پوريون ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ويون ۽ ڪيترائي لاها چاڙها آيا، آزاديءَ کان پوءِ لکين ماڻهن ملڪ خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ پاڙيسري ملڪ خلاف جنگين ۾ پاڪستاني قوم قربانين جا داستان لکيا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فخر جوڳين قومن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پوري پاڪستاني قوم ڀرپور محنت ڪئي آهي. 7 کان 10 مئي تي حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان فتح حاصل ڪئي، اسان کي ان تي فخر آهي، سڄي دنيا ۾ هن ويڙهه جي نتيجي ۾ ملڪ جو مانُ مٿانهون ٿيو. پوري دنيا جو رويو پاڪستان جي باري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، اڄ جو ڏينهن اسان کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن پاڪ- ڀارت جنگ ۾ پاڪستانين شهادتون ماڻيون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج نه صرف روايتي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ به پنهنجي برتري ثابت ڪئي. سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ آءِ ٽي واري وزارت ۽ پي ٽي اي گڏجي سائبر فرنٽ تي جنگ وڙهي. ڀارت کي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پنهنجي برتريءَ جو گهمنڊ هو، اسان هڪ قوم بڻجي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، اسان سڀني گڏ ٿي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته دنيا جي ڪابه طاقت ڪنهن به شعبي ۾ پاڪستان کي شڪست نٿو ڏئي سگهجي، اسان کي ان تي فخر آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ڪاميابين جو قومي سطح تي به اعتراف ڪيو ويندو. باصلاحيت ۽ محنتي نوجوانن جي ڪاميابين تي خوشي ٿيندي آهي. ٽيڪسن ۾ آءِ ٽي جي شعبي کي ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ ڪنهن ٻئي صنعت کي اها ڇوٽ نه ڏني وئي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل آءِ ٽي جي شعبي ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران آءِ ٽي جي شعبي ۾ 19 سيڪڙو ترقي ٿي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ پرڏيهه مان 3.8 ارب ڊالر پاڪستان آيا جن ۾ فري لانسر جو اهم ڪردار آهي. ان شعبي ۾ هڪ سال ۾ 91 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.