اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ درجابندي ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي معاشي ٽيم جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي اداري موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ جو ”سي اي اي 2“ کان بهتر ٿي ”سي اي اي – 1“ تي اچڻ انتهائي …
وزيراعظم پاران عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ درجابندي ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ درجابندي ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي معاشي ٽيم جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي اداري موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ جو ”سي اي اي 2“ کان بهتر ٿي ”سي اي اي – 1“ تي اچڻ انتهائي خوش آئنده آهي، حڪومتي ٽيم ان ريٽنگ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪريڊٽ ريٽنگ جو بهتر ٿيڻ معاشي پاليسين جو رخ صحيح هجڻ جو مظهر آهي.











