مظفرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته اڄ حق جي ويڙهه جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن مان ان موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو جنهن جي شاندار قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت کي بهادري سان شڪست ڏني ۽ …
حق جي ويڙهه اسان جي هٿياربند فوج جي تاريخ جو روشن باب آهي جنهن ڪشميرين کي نئون عزم ۽ حوصلو ڏنو: چوڌري انوار الحق

مزید خبریں
مظفرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته اڄ حق جي ويڙهه جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن مان ان موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو جنهن جي شاندار قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت کي بهادري سان شڪست ڏني ۽ کيس منهن جي کائڻي پئي. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مان ان موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، ايئر چيف ۽ نيول چيف کي به مبارڪون ڏيان ٿو جن پاڪستان جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻايو، پاڪ فضائيه ڀارتي فضائيه جا 6جهاز تباهه ڪيا ۽ اسان جي شاهينن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پنهنجون صلاحيتون مڃرايون ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ان موقعي تي مان صدر آصف علي زردري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي سياسي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن سفارتي محاذ تي ڀارت جي بياني جا ٻکيا اڍڙي ڇڏيا. حق جي ويڙهه اسان جي هٿياربند فوج جي تاريخ جو روشن باب آهي جنهن آزادي جي تحريڪ جي جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين کي نئون عزم ۽ حوصلو ڏنو، انشاءُ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن والاريل ڪشمير ڀارت جي دهشتگرد فوج جي قبضي مان آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان سان الحاق جي منزل حاصل ڪندو.











