گوادر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته گوادر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هتي بجلي ۽ پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل  ڪڍيو ويندو. هڪ بيان ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته گوادر ۾ بجلي ۽ پاڻي جي بحران جو وزيراعظم نوٽيس وٺندي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ بلوچستان جو وڏو وزير، …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته گوادر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هتي بجلي ۽ پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل  ڪڍيو ويندو. هڪ بيان ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته گوادر ۾ بجلي ۽ پاڻي جي بحران جو وزيراعظم نوٽيس وٺندي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ بلوچستان جو وڏو وزير، پلاننگ واري وزارت، سامونڊي معاملن ۽ توانائي جا وزير ۽ سيڪريٽريز شامل آهن، ڪميٽي مقرر مدي ۾ سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. هن جو چوڻ هو ته گوادر ۾ بجلي ۽ پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل ڳوليو ويندو، گوادر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.