هن سال مئي جي جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور فتح کانپوءِ خوشي ٻيڻي ٿي وئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن پاران قوم کي يومِ آزاديءَ جون مبارڪون

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هن سال مئي جي جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور فتح کانپوءِ خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، پاڪستان معاشي، دفاعي ۽ سفارتي ٽنهي محاذن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڀارت کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پ پ جي ميمبر سحر …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هن سال مئي جي جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور فتح کانپوءِ خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، پاڪستان معاشي، دفاعي ۽ سفارتي ٽنهي محاذن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڀارت کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پ پ جي ميمبر سحر ڪامران چيو ته هي هڪ تاريخي موقعو آهي، هن سال حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ سان هر پاڪستاني خوشيءَ سان اهو ڏينهن ملهائي رهيو آهي، اسان پاڪستان جي قيام لاءِ قربانين ۽ دفاع کي مضبوط بنائڻ کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ پويان قوم جو ايمان، اتحاد ۽ نظم هو، هٿياربند فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سربراهيءَ ۾ ڀرپور ڪاميابيون حاصل ڪيون، پاڪستان جو دنيا ۾ وقار بلند ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر آسيه اسحاق چيو ته پاڪستانين ۽ ايوان کي 78هون يومِ آزادي مبارڪ هجي، هن سال جشن آزاديءَ جو رنگ ئي ٻيو آهي، حق جي ويڙهه جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ڪاميابي ملي، ملڪ جي حفاظت ڪندڙ جانبازن پنهنجو تن من هن ملڪ تان قربان ڪيو. هن چيو ته ڀارت سڌيءَ ريت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، دنيا هاڻ اها ڳالهه مڃي ورتي آهي. هيءَ حقيقي آزادي آهي ته پاڪستان جو جهنڊو اوچو ۽ دنيا ۾ قوم کي عزت آهي. مرزا اختيار بيگ چيو ته جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي اسان کي تجديد عهد وفا ڪرڻي آهي، پاڪستان دفاعي، معاشي ۽ـ سفارتي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اڄ هندستان دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو آهي، قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون هجن.