پاڪ بحريه پاران جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي خصوصي ملي نغمي تي ٻَڌل وڊيو ”سر بلند“ جاري

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه پاران جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي خصوصي ملي نغمي تي ٻَڌل وڊيو ”سر بلند“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب وڊيو ۾ ماضيءَ جي هڪ خوبصورت ملي نغمي کي نئين انداز ۾ پيش ڪندي پاڪستان جي نوجوان نسل کي سائي جهنڊي جي سربلنديءَ جو پيغام ڏنو ويو آهي. ”سر بلند“ وڊيو حال ۽ مستقبل جي خوبصورت ميلاپ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه پاران جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي خصوصي ملي نغمي تي ٻَڌل وڊيو ”سر بلند“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب وڊيو ۾ ماضيءَ جي هڪ خوبصورت ملي نغمي کي نئين انداز ۾ پيش ڪندي پاڪستان جي نوجوان نسل کي سائي جهنڊي جي سربلنديءَ جو پيغام ڏنو ويو آهي. ”سر بلند“ وڊيو حال ۽ مستقبل جي خوبصورت ميلاپ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ جي هڪ شاندار ڪوشش آهي. پاڪ بحريه جي ان تخليقي انداز قومي جذبي ۽ اتحاد جي فضا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي.