اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) حق جي ويڙهه ۽ جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي آءِ ايس پي آر نئون ملي نغمو ”پاڪستان هميشه زنده باد“ جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري فنڪار راحت فتح علي خان جي آواز ۾ نئون ملي نغمو جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو وطن جي محبت، قربانين ۽ حب الوطنيءَ جي عزم کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو. ”پاڪستان هميشه زنده باد“ ۾ شهيدن جي لازوال …
آءِ ايس پي آر پاران حق جي ويڙهه ۽ جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي نئون ملي نغمو ”پاڪستان هميشه زندهه باد“ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) حق جي ويڙهه ۽ جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي آءِ ايس پي آر نئون ملي نغمو ”پاڪستان هميشه زنده باد“ جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري فنڪار راحت فتح علي خان جي آواز ۾ نئون ملي نغمو جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو وطن جي محبت، قربانين ۽ حب الوطنيءَ جي عزم کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو. ”پاڪستان هميشه زنده باد“ ۾ شهيدن جي لازوال قربانين، قومي جي بهادريءَ کي رت جي آخري ڦڙي تائين وطن لاءِ قربانيون ڏيڻ جي عزم سان اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ پاڪستان جي عظمت، عوام جي اتحاد ۽ وطن جي وقار جي خوبصورت جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته بهادري، قرباني ۽ حب الوطنيءَ جو دلڪش ميلاپ ٻُڌندڙن جي دلين کي گرمائي ڇڏي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب هي نغمو يومِ آزاديءَ جي موقعي تي قرباني ۽ تجديد عهد وفا جو پيڪر آهي جيڪو قوم کي پنهنجي ماضيءَ جي شاندار داستان ۽ مستقبل جي روشن عزم جي ياد ڏياري ٿو.











