اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت جي مرضيءَ سان دهشتگردن خلاف صوبي ۾ ٽارگيٽڊ ڪارروايون ٿي رهيون آهن. تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي جا ميمبر سياسي ۽ سوشل ميڊيا لاءِ بيان جاري ڪرڻ بدران پنهنجي صوبائي حڪومت آڏو احتجاج ڪن، اسان سڀ دهشتگرديءَ جو شڪار آهيون، جيڪڏهن صوبائي حڪومت وٽ آپريشن کانسواءِ ان …
ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن خلاف ٽارگيٽڊ ڪارروايون ٿي رهيون آهن: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت جي مرضيءَ سان دهشتگردن خلاف صوبي ۾ ٽارگيٽڊ ڪارروايون ٿي رهيون آهن. تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي جا ميمبر سياسي ۽ سوشل ميڊيا لاءِ بيان جاري ڪرڻ بدران پنهنجي صوبائي حڪومت آڏو احتجاج ڪن، اسان سڀ دهشتگرديءَ جو شڪار آهيون، جيڪڏهن صوبائي حڪومت وٽ آپريشن کانسواءِ ان مسئلي جو ڪو حل آهي ته هو ان کان آگاهه ڪري. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن ڀيري حق جي ويڙهه سبب جشنِ آزادي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي وڌيڪ جذبي سان گڏجي ملهائڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ مان متفقه قرارداد جي منظوريءَ تي ايوان ۽ قوم کي مبارڪون ڏيون ٿا. انجنيئر امير مقام چيو ته دهشتگرديءَ کان اسان سڀ متاثر ٿي رهيا آهيون ۽ اسان جي به خواهش آهي ته آپريشن نه ٿئي، اسان به پنهنجن پيارن جا جنازا ڪلهن تي کنيا آهن. هن چيو ته آپريشن بابت سوشل ميڊيا تي واهه واهه لاءِ هتي بيان ڏنو وڃي ٿو جيڪا انهن جي ٻٽي پاليسي آهي، جيڪي ڳالهيون انهن جي صوبائي حڪومت ڪري ٿي، کين به اها ڳالهه ڪرڻ گهرجي، هي احتجاج ۽ اعتراض صوبائي حڪومت آڏو ڪن. ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ اعتراف ڪيو ته اتي ٽارگيٽڊ آپريشن ٿي رهيو آهي ۽ هي آپريشن ان جي مرضيءَ سان ٿي رهيو آهي جيڪي قدم کنيا پيا وڃن انهن ۾ صوبائي حڪومت جي مرضي شامل آهي. اسد قيصر ۽ ٻين ميمبرن کي جيڪڏهن اختلاف آهن ته اهي هتي ڳالهين بدران صوبائي حڪومت سان ڳالهائين ۽ هن چيو ته اسان دهشتگرديءَ کان متاثر ٿيا آهيون. سڀني جي گهرن تي حملا ٿيا، خودڪش حملا ٿيا، پي ٽي آءِ طرفان جلسن ۽ احتجاجي سڏ تي اسان انهن جي سلامتيءَ لاءِ دُعا ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت وٽ جيڪڏهن ڪو آپشن آهي ته هو ان کان آگاهه ڪن. آپريشن کان سواءِ انهن جي ذهنن ۾ ڪو حل آهي ته ٻُڌائين، فيصلي سازيءَ ۾ شريڪ هئڻ باوجود سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ الزام تراشيءَ کان پاسو ڪن. قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هئڻ گهرجي.











