لاهور - 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، معرڪه حق ۾ پاڪستان کي بي پناهه عزت ملي آهي، وزيراعظم جي ٽيم معاشي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داتا گنج بخش علي هجويري رحه جي عرس جي تقريبن جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. …
حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، معرڪه حق ۾ پاڪستان کي بي پناهه عزت ملي آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
لاهور – 13 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، معرڪه حق ۾ پاڪستان کي بي پناهه عزت ملي آهي، وزيراعظم جي ٽيم معاشي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داتا گنج بخش علي هجويري رحه جي عرس جي تقريبن جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، هائوسنگ وارو صوبائي وزير بلال ياسين سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين پاران دل جي گهرائين سان 982هين عرس جي مبارڪباد ڏيان ٿو. محمد اسحاق ڊار چيو ته زائرين پنهنجي دعائن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ دعا ڪن، پاڪستان ٻيهر ترقي طرف گامزن آهي، معيشت ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي، اهو سلسلو تيستائين جاري رهندو جيستائين پاڪستان اسلام جو مضبوط قلعو نه ٿو بڻجي وڃي، جيتوڻيڪ اهو ڊگهو سفر آهي پر ان جي شروعات ٿي وئي آهي. هن چيو ته جشن آزادي ۽ عرس مبارڪ گڏ گڏ آيا آهن، جشن آزادي به توهان سڀني کي تمام گهڻي مبارڪ هجي. نائب وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي بيشمار ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، جن ۾ اصل ڪاميابي معرڪه حق آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج ازلي دشمن ڀارت کي بدترين شڪست ڏني، جنهن سان پاڪستان کي عالمي سطح تي بي پناهه عزت ملي آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته معاشي ترقي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ڀرپور ڌيان آهي، سندس ٽيم معاشي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، ڊس انفارميشن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيستائين ڪا ڳالهه ثابت نه ٿئي اڳتي نه ڦهلائڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، افواهن تي يقين نه ڪريو، سياسي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن ڪو ملڪ ۽ ادارن جي خلاف هٿيار کڻي ته اها بغاوت هوندي آهي، عدالتي فيصلن جو احترام ڪرڻو پوندو. اسحاق ڊار چيو ته اسان جي حڪومت نه پي ٽي آءِ تي ڪيس ٺاهيا هئا نه سهولتڪاري ڪئي هئي. هن چيو ته جيستائين سمورا ادارا ۽ سياسي پارٽيون گڏجي ڪم نه ڪنديون ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته جيستائين دهشتگردي جو معاملو آهي، پرڏيهي وزارت ۾ ٻه درجن ماڻهن ڳالهيون ڪيون آهن، اسان مجيد برگيڊ جي حوالي سان ثبوت فراهم ڪيا ته اهو بي ايل اي جو حصو آهي، اسان ايترا ثبوت ڏنا جو آمريڪا مجبور ٿي ان کي دهشتگردي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت فلسطين جي حوالي سان ڀرپور حمايت ڪئي آهي، اسلامي تنظيم جو اجلاس تمام جلد جده ۾ منعقد ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان هر فورم تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان جو پاڻي روڪيو ويو ته ان کي جنگ تصور ڪنداسين، عالمي قانونن تحت ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان ئي ڪو معاهدو ختم ٿي سگهي ٿو، اسان پاڻي جي هڪ ڦڙي جي کوٽ برداشت نٿا ڪري سگهون.











