اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا پهريون ڀيرو بي ايل اي جهڙن گروپن خلاف گڏجي ڪارروائي تي اتفاق ڪيو آهي، آمريڪا پاڪستان جي دهشتگرد گروپن کي قابو ۾ رکڻ جي ڪاميابين کي ساراهيو آهي. ڀارت کلي عام بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن جي حمايت ڪري بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا …
آمريڪا پهريون ڀيرو بي ايل اي جهڙن گروپن خلاف پاڪستان سان گڏجي ڪارروائي تي اتفاق ڪيو آهي: شيري رحمان

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا پهريون ڀيرو بي ايل اي جهڙن گروپن خلاف گڏجي ڪارروائي تي اتفاق ڪيو آهي، آمريڪا پاڪستان جي دهشتگرد گروپن کي قابو ۾ رکڻ جي ڪاميابين کي ساراهيو آهي. ڀارت کلي عام بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن جي حمايت ڪري بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم ايڪس تي پاڪ – آمريڪا جي لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي روڪٿام بابت ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ملڪن اهم نقطن تي دهشتگردن جي روڪٿام جي سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. گڏيل پڌرائي ۾ پهريون ڀيرو ڪالعدم بي ايل اي، داعش خراسان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جو ذڪر ڪيو ويو، آمريڪا پهريون ڀيرو بي ايل اي جهڙن گروپن خلاف پاڪستان سان گڏجي ڪارروائي تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ گڏيل قدمن ۾ ڪالعدم بي ايل جو سڌي ريت ذڪر نه ڪيو ويو هو، اهو قدم پاڪ – آمريڪا سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام واري سهڪار ۾ اضافي کي ظاهر ڪري ٿو. آمريڪا ڀارت جي 22 اپريل پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جي الزامن کي تسليم ناهي ڪيو. شيري رحمان چيو ته آمريڪا پاڪستان جي دهشتگرد گروپن کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيو ته آمريڪي موقف مان واضح ٿيو ته واشنگٽن پاڪستان کي خطي ۾ مسئلو نه پر حل سمجهي ٿو. شيري رحمان چيو ته گڏيل پڌرائي ۾ دهشتگردي جي هڪ شڪل ۽ صورت جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها پڌرائي آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي هڪ ڏينهن بعد جاري ٿي آهي. اها اڳڀرائي پاڪستان لاءِ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. شيري رحمان چيو ته ڀارت کلي عام بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن جي حمايت ڪري بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته آمريڪا جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار اسڪول بس حملي، شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. شيري رحمان چيو ته ٻنهي وفدن اداره جاتي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي دهشتگرداڻي استعمال کي روڪڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز ۾ ويجهي سهڪار جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت جي ٻي دور ۾ پاڪ – آمريڪا دهشتگردي جي روڪٿام وارن لاڳاپن ۾ نئين جان آئي آهي، ان دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن ۽ ملاقاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، شيري رحمان چيو ته آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير هاڻوڪن ڏينهن ۾ اعليٰ ترين سطح تي اهم ملاقاتون ڪيون آهن. پاڪستان آمريڪي انٽيليجنس تي عمل ڪندي ڪابل ايئرپورٽ حملي جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو، ان سهڪار تي صدر ٽرمپ پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ پاڪستان جي کلي عام واکاڻ ڪئي.











