اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش سبب متاثر ٿيندڙ مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن لاءِ 20 ارب روپين جو پئڪيج آندو پيو وڃي، مستقل ملازم جيڪڏهن پئڪيج وٺڻ چاهين ته هو وٺي سگهن ٿا پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي اداري ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ چاهين ٿا ته کين ايڊجسٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته اسپيڪر ان …
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش سبب متاثر ٿيندڙ ملازمن لاءِ 20 ارب روپين جو پئڪيج آندو پيو وڃي: راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش سبب متاثر ٿيندڙ مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن لاءِ 20 ارب روپين جو پئڪيج آندو پيو وڃي، مستقل ملازم جيڪڏهن پئڪيج وٺڻ چاهين ته هو وٺي سگهن ٿا پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي اداري ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ چاهين ٿا ته کين ايڊجسٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته اسپيڪر ان مسئلي تي اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي. قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري اعتراض واري نقطي تي يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش جو معاملو اٿاريو ۽ چيو ته وزير هتي خاطري ڪرائي هئي ته اهي بند نه ٿي رهيا آهن. حڪومت ان جو جواب ڏئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته يوٽيليٽي اسٽورن جي حوالي سان مان هن ايوان ۾ خاطري ڪرائي هئي ته يوٽيليٽي اسٽورز بند نه ٿي رهيا آهن، مان 6 مهينا اڳ وزارت ڇڏي ڏني ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينه جي رائيٽ سائيزنگ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي، انهي ڪميٽيءَ انهن جي بندش جو فيصلو ڪيو. پهرين مرحلي ۾ خساري ۾ هلندڙ اسٽورز بند ڪيا ويا ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي ڪڍيو ويو. جڏهن ته مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن لاءِ 20 ارب روپين جو پئڪيج ڏنو پيو وڃي. جيڪي مستقل ملازم آهن انهن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪي پئڪيج وٺڻ چاهين ته انهن کي پئڪيج ڏنو ويندو. هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز ذريعي 20 ارب روپين جي رمضان پئڪيج ڏيڻ بدران اسان وزيراعظم جي هدايت تي مستحقن کي سڌي ريت ڪيش ڏني. هن چيو ته ڪيش مان هو جيڪو چاهين سندن مرضي، ڪهڙي به ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪيا ويا آهن، ملازمن ڌرڻا هنيا ۽ انهن سان ڳالهيون ڪيون ويون. آصفه ڀٽو چيو ته اسان حڪومت جي اتحادي هئڻ ناطي اهو مطالبو ڪيون ٿا ته يوٽيليٽي اسٽورز کي بند نه ٿيڻ گهرجي، انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو وڃي. اسپيڪر وزير کي هدايت ڪئي ته هو ان باري ۾ اجلاس جو بندوبست ڪري. نويد قمر چيو ته ايوان ۾ بيهي خاطري ڪرائي ويندي آهي ۽ پوءِ فيصلو وري ڪو ٻيو ڪيو ويندو آهي. حفيظ الدين چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي 6 ڀيرا اها خاطري ڪرائي ته يوٽيليٽي اسٽورز کي بند نه پيو ڪيو وڃي، اهو عوامي مفادن جو معاملو آهي، ان کي بند نه ٿيڻ گهرجي، راڻا تنوير حسين چيو ته ان باري ۾ اجلاس جو بندوبست ڪيون ٿا.











