ٽيڪس بيس ۾ واڌ، توانائي سڌارا ۽ سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد معيشت جي استحڪام جو ثبوت آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب  چيو آهي ته ملڪي معيشت هاڪاري رخ ۾ گامزن آهي، سمورا اهم معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن ۽ ڪاروباري ۽ صارفين جو اعتماد تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ الڳ الڳ تقريبن کي خطاب ڪندي هن چيو ته زرعي آمدني کي ٽيڪس …

اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب  چيو آهي ته ملڪي معيشت هاڪاري رخ ۾ گامزن آهي، سمورا اهم معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن ۽ ڪاروباري ۽ صارفين جو اعتماد تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ الڳ الڳ تقريبن کي خطاب ڪندي هن چيو ته زرعي آمدني کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، آءِ پي پيز سان معاهدن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ توانائي واري شعبي  جي سڌارن جي نتيجي ۾ بجلي جي اگهه ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ توانائي جي خرچن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وياج جي شرح 23 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. ۽ وڌيڪ گهٽتائي جا امڪان آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح 145976 پوائنٽن تي پهچي چڪو آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد جو واضح اظهار آهي، جڏهن ته سي اي اوز جي اعتماد ۾ 84 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي سڌارن جي تعريف ڪئي آهي. فچ ۽ هڪ ٻئي عالمي ايجنسي طرفان ملڪي ريٽنگ بهتر ڪئي وئي آهي ۽ ٽين ايجنسي پڻ جلد اپگريڊ ڪندي. هن چيو ته آمريڪا سان واپاري معاهدي سان ايڪسپورٽ جا نوان موقعا کلندا ۽ هن سال جي آخر تائين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪي قرضن ۾ 41 سيڪڙو اضافو هڪ چئليج آهي، تنهن هوندي به ادائگين سان گڏ اهو دٻاءُ گهٽجندو. گذريل سال قرضن جي لاڳت ۾ هڪ هزار ارب روپين جي گهٽتائي ٿي ۽ هلندڙ سال پڻ ايتري ئي بچت جي اميد آهي. خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ رائيٽ سائيزنگ پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، 43 وزارتن ۽ 400 کان وڌيڪ کاتن ۾ سڌارا جاري آهن، جڏهن ته سول ادارن ۾ پينشن سڌارا ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر جي ڊيجٽلائيزيشن جاري آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڻ سڌارن واري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته ٽيڪسن جو سمورو بار پگهاردار طبقي تي نه  ٿو وجهي سگهجي، انهي لاءِ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ کان علاوه ڪو به رستو ناهي. محمد اورنگزيب  چيو ته حڪومت نجڪاري جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي ۽ توانائي شعبي ۾ 78 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽيرف سڌارا شروع ڪيا ويا آهن. توانائي جا نقصان گهٽيا آهن ۽ بجلي جو اگهه وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽاسڪ فورس   سرگرم آهي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح حقيقت پسنداڻي ۽ مشاورتي پاليسي سازي آهي. بلال ڪياني جي سربراهي ۾ ماهوار  بنيادن تي چيمبرز سان ملاقاتون ٿينديون ته جيئن صنعتڪارن ۽ واپارين جي خدشن جو وقت سر ازالو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان سڀ هڪ ئي قافلي جا مسافر آهيون ۽ منزل به هڪ آهي. پاڪستان کي هڪ خوشحال، مضبوط ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ آهي.