پاڪستان کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل، بهتر حڪمراني ۽ اداره جاتي سڌارن جي ضرورت آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ سياسي، استحڪام، پاليسين جي تسلسل، سٺي حڪمراني ۽ اداره جاتي سڌارن جي ضرورت آهي. ينگ ڊولپمينٽ فيلوشپ پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ڪا قوم ان وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين بدامني ۽ ڏڦيڙ جو …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ سياسي، استحڪام، پاليسين جي تسلسل، سٺي حڪمراني ۽ اداره جاتي سڌارن جي ضرورت آهي. ينگ ڊولپمينٽ فيلوشپ پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ڪا قوم ان وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين بدامني ۽ ڏڦيڙ جو خاتمو نٿو ٿئي، پاليسين ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي تائين تسلسل برقرار نه رکيو وڃي ۽ ادارن کي جديد رخن تي هموار نه ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ ترقياتي ويزنز ۽ منصوبا (ويزن 2010 ۽ ويزن 2025) پنهنجي افاديت باوجود گهربل نتيجا ان لاءِ نه ڏئي سگهيا ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ سازگار ماحول، سياسي استحڪام ۽ پاليسي تسلسل فراهم نه ڪيو ويو. هن چيو ته ڪامياب ملڪ جهڙوڪ جاپان، چين ۽ سنگاپور پاليسين کي گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن تائين تسلسل ڏنو ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻايو، جنهن سبب هو تيز رفتار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ جڏهن پاڪستان شديد معاشي بحران جو شڪار هو ۽ دنيا ۾ شرطون لڳي رهيون هيون ته ملڪ ڪجهه هفتن ۾ ڊيفالٽ ڪندو، ان وقت مشڪل پر جرئتمنداڻا فيصلا ڪري رياست کي بچايو ويو. انهن قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي، جيڪا 2016ع کانپوءِ گهٽ ترين سطح آهي، پاليسي ريٽ 23 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي ويو، روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 انڊيڪس تاريخي بلند ترين سطح 145976 پوائنٽس تائين پهتو. جي ڊي پي گروٿ مالي سال 2025ع ۾ 2.7 سيڪڙو رهي، جيڪا عالمي غير يقيني حالتن باوجود هاڪاري رجحان آهي. هن چيو ته هاڻي چئلينج اهو آهي ته ان معاشي بحالي کي مستقل ترقي ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ ايندڙ 22 سالن جو هڪ اقتصادي لانگ مارچ ضروري آهي، جيڪو نوجوان نسل جي قيادت ۾ مڪمل ٿيندو. رٿابندي واري وزارت نوجوانن جي قيادت جي صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ خاص تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن هو پاليسي سازي ۽ معيشت جي مضبوطي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته 2047ع ۾ جڏهن پاڪستان پنهنجي آزادي جا 100 سال مڪمل ڪندو، نوجوان نسل کي ان قابل ٿيڻ گهرجي ته ملڪ کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 کرب ڊالر جي معيشت ۾ تبديل ڪري سگهي.