يوم آزادي، معرڪه حق جي موقعي تي شڪرپڙيان ۾ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ دفاعي سامان جي نمائش

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي، معرڪه حق جي حوالي سان 14 آگسٽ تي شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ دفاعي سامان جي نمائش ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تياريون عروج تي آهن، 14 آگسٽ جي موقعي تي شڪرپڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ عوام لاءِ خاص تقريبن جو به اهتمام ڪيو ويندو. يوم آزادي ۽ معرڪه حق جي فتح تي پاڪستاني فوج …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي، معرڪه حق جي حوالي سان 14 آگسٽ تي شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ دفاعي سامان جي نمائش ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تياريون عروج تي آهن، 14 آگسٽ جي موقعي تي شڪرپڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ عوام لاءِ خاص تقريبن جو به اهتمام ڪيو ويندو. يوم آزادي ۽ معرڪه حق جي فتح تي پاڪستاني فوج طرفان فخر جوڳي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش ڪئي ويندي. شڪرپڙيال پريڊ گرائونڊ اسلام آباد صبح جو 10 وڳي شهرين لاءِ کوليو ويندو، نمائش ۾ معرڪه حق ۾ استعمال ڪيل مختلف جنگي هٿيار، جهاز، ٽينڪون ۽ ٻي فوجي سامان سميت توپون، راڪيٽ لانچر وهيڪلز، جنگي سامان بردار گاڏيون ۽ بڪتر بند گاڏيون به شامل آهن، جڏهن ته معرڪه حق ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ريڊارز به نمائش جو حصو آهن. نمائش جي موقعي تي پاڪ فضائيه طرفان فلائي پاسٽ ۽ پيرا جمپنگ جو به مظاهرو ڪيو ويندو. ان کانسواءِ شڪرپڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ مختلف اسٽالز ثقافتي پروگرامز ۽ فوجي بينڊز به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا ۽ ملي نغمن جون ڌنون وڄائي عوام جي حب الوطني جي جذبي کي اڀاريندا. واضح رهي ته دفاعي سامان جي نمائش جو مقصد هر شهري کي تاريخي ڏينهن جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.