اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جاپاني اڳرائي خلاف چيني عوام جي جنگ ۽ فاشزم مخالف عالمي جنگ جي فتح جي 80 هين سالگرهه جي مناسبت سان سيمپوزيم ۽ فوٽو نمائش منعقد ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيان زائي ڊونگ ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ پاڪستاني حڪومت، سياسي پارٽين، …
پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي انتظام هيٺ سيمپوزيم ۽ فوٽو نمائش منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جاپاني اڳرائي خلاف چيني عوام جي جنگ ۽ فاشزم مخالف عالمي جنگ جي فتح جي 80 هين سالگرهه جي مناسبت سان سيمپوزيم ۽ فوٽو نمائش منعقد ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيان زائي ڊونگ ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ پاڪستاني حڪومت، سياسي پارٽين، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا جا نمائندا به شامل هئا. چيني سفير جيان زائي ڊونگ ان موقعي تي چيو ته چين جي عوام جي جاپاني اڳرائي خلاف مزاحمتي جنگ جي فتح فاشزم مخالف عالمي جنگ جي ڪاميابي ۾ تاريخي ڪردار اد ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) سموري قوم جي مزاحمت جو جهنڊو سڀني کان پهرين بلند ڪيو ۽ جنگ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ قائم ٿيل عالمي نظام هن وقت سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. عالمي ڏکڻ جي اهم ميمبر ملڪن جي حيثيت سان چين ۽ پاڪستان کي گڏجي ٻي عالمي جنگ جي فتح جي ثمرن جو دفاع ڪرڻ گهرجي، حقيقي گهڻ رخي تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ اسرندڙ ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جاپاني جارحيت خلاف مزاحمتي جنگ ۾ چين جي فوج ۽ عوام ايشيا ۽ دنيا ۾ امن جي دفاع لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون ۽ ان ۾ سي پي سي جو ڪردار نهايت اهم هو. هڪطرفي پسندي ۽ بالادستي جي روين جي مقابلي ۾ پاڪستان چين سان مضبوطي سان گڏ بيٺل رهندو ۽ پرامن ترقي ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل سهڪار جي رستي تي گامزن رهندو.











