اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 50 کان 55 مسجدن جي منتقلي جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي رات پيٽ ۾ ناهي ٿي، 8 مهينن جي ڪوششن کانپوءِ ٿي، مسجد ۽ مدرسي جي عمارت کي شهيد ڪرڻ وقت عالم سڳورا اتي موجود هئا. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو …
اسلام آباد ۾ 50 کان 55 مسجدن جي منتقلي جي خبرن ۾ سچائي ناهي: مملڪتي وزير طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 50 کان 55 مسجدن جي منتقلي جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي رات پيٽ ۾ ناهي ٿي، 8 مهينن جي ڪوششن کانپوءِ ٿي، مسجد ۽ مدرسي جي عمارت کي شهيد ڪرڻ وقت عالم سڳورا اتي موجود هئا. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ايوان کي ان حوالي سان تفصيل ڏنا ويا، ان معاملي تي پهرين مولانا غفور حيدري سان ملاقات ٿي، پوءِ عالم سڳورن جي موجودگي ۾ ٻيهر ڳالهه ٿي. هن واضح ڪيو ته مسجدن جي منتقلي جي ڪا به ڳالهه غور هيٺ ناهي. ان جي وضاحت ڪئي وئي. هن چيو ته مدني مسجد ۽ مدرسي جي منتقلي جي حوالي سان هلندڙ سال جنوري کان مشاورتي عمل شروع ٿيو، مدرسي جي مهتمم جي پسند واري جاءِ تي جديد عمارت چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺاهي وئي ۽ جولاءِ ۾ استاد ۽ شاگرد اتي منتقل ٿيا، ان پراڻي مسجد کي شهيد ڪرڻ جي موقعي تي عالم سڳورا موجود هئا، احترام سان عالمن جي موجودگي ۾ سمورو ڪم مڪمل ٿيو، 8 مهينن جي مشاورت سان اها منتقلي ٿي، هي ڪم رات پيٽ ۾ ناهي ٿيو، حڪومت مذهبي آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ هر فرقي جو احترام ڪندي قدم کڻندي آهي. مولانا فضل الرحمان کي ان حوالي سان اعتماد ۾ نه ورتو ويو، ڪنهن جي جذبن کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون.











