بيجنگ - 13 آگسٽ(اي پي پي) چين جي فوج آمريڪي سامونڊي جنگي جھاز ھگنز کي پنھنجي سامونڊي حدن مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي سدرن ٿيٽر ڪمانڊ جي سامونڊي فوج جي ترجمان ھي ٽائي چينگ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٿيٽر ڪمانڊ چين جي حڪومت جي اجازت بنا ھوانگيان ڊا ويجھو علائقائي پاڻي ۾ داخل ٿيندڙ آمريڪي جنگي جھاز …
چين جي فوج آمريڪي سامونڊي جنگي جھاز کي پنھنجي سامونڊي حدن مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

مزید خبریں
بيجنگ – 13 آگسٽ(اي پي پي) چين جي فوج آمريڪي سامونڊي جنگي جھاز ھگنز کي پنھنجي سامونڊي حدن مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي سدرن ٿيٽر ڪمانڊ جي سامونڊي فوج جي ترجمان ھي ٽائي چينگ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٿيٽر ڪمانڊ چين جي حڪومت جي اجازت بنا ھوانگيان ڊا ويجھو علائقائي پاڻي ۾ داخل ٿيندڙ آمريڪي جنگي جھاز کي قانوني طور ٽريڪ ڪرڻ، مانيٽر ڪرڻ، وارننگ جاري ڪرڻ ۽ پنھنجي سامونڊي حدن مان ٻاھر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي. واضح رھي ته آمريڪي سامونڊي فوج جي ستين ٻيڙي سان تعلق رکندڙ گائيڊڊ ميزائلن سان ليس آرليغ برڪي ڪلاس سان تعلق رکندڙ اھو جنگي سامونڊي جھاز آمريڪي سامونڊ: فوج جي 15 ھين اسڪواڊرن ۾ شامل آھي ۽ خاص طور جاپان ويجھو مقرر ٿيل آھي.











