گڌيل قومون - 13 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع جي جنگ جي شروعات کان ھيستائين غذائي کوٽ سبب 100 کان وڌيڪ ٻار شھيد ٿي چڪا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آھي ته غزه ۾ ٻارن جي فوتگين جو انگ 100 کان وڌي وڃڻ ھڪ تباھه ڪن مرحلو آھي جيڪو دنيا لاءِ شرم …
غزه ۾ غذائي کوٽ سبب 100 کان وڌيڪ ٻار شھيد ٿي چڪا آھن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڌيل قومون – 13 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آھي ته غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع جي جنگ جي شروعات کان ھيستائين غذائي کوٽ سبب 100 کان وڌيڪ ٻار شھيد ٿي چڪا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آھي ته غزه ۾ ٻارن جي فوتگين جو انگ 100 کان وڌي وڃڻ ھڪ تباھه ڪن مرحلو آھي جيڪو دنيا لاءِ شرم جو سبب آھي ۽ ان لاءِ فوري ڊگھي عرصي وارن قدمن جي گهرج ڪيون ٿا. گڏيل قومن جي انتظام ھيٺ عالمي خوراڪ پروگرام ٻڌايو آھي ته 3 لک کان وڌيڪ ٻار سخت خطري ۾ آھن ۽ غزه جي ماڻھن کي ڪيترن ئي ڏينھن کان خوراڪ ناھي ملي. ان دوران واضح ڪيو ويو آھي ته غزه ۾ بنيادي غذائي ضرورتن لاءِ ماھوار 62 ھزار ٽن کان وڌيڪ خوراڪ گهربل آھي، پر اڃا تائين ايتري مقدار ۾ خوراڪ فراھم ڪرڻ جي اجازت ناھي ڏني وئي جيڪا اٽڪل 20 لک ماڻھن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪافي ھجي.











