تھران - 13 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پوليس چيو آھي ته اسان جون مهيني ۾ اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ 12 ڏينھن جي ھوائي جنگ دوران 21 ھزار شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق پوليس جي ترجمان جنرل سعيد منتظر المھدي چيو ته گرفتاريون عوامي اطلاعن مطابق ڪيو ويون ۽ ان مان سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ ۾ ماڻھن جي اعليٰ شعور ۽ شرڪت جو اظھار ٿئي ٿو. …
اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگ دوران 21 ھزار شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو: ايران

مزید خبریں
تھران – 13 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پوليس چيو آھي ته اسان جون مهيني ۾ اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ 12 ڏينھن جي ھوائي جنگ دوران 21 ھزار شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق پوليس جي ترجمان جنرل سعيد منتظر المھدي چيو ته گرفتاريون عوامي اطلاعن مطابق ڪيو ويون ۽ ان مان سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ ۾ ماڻھن جي اعليٰ شعور ۽ شرڪت جو اظھار ٿئي ٿو. ھن چيو ته 260 کان وڌيڪ ماڻھن کي جاسوسي جي شعبي ۾ ۽ ٻين 172 کي غيرقانوني فلم بندي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 13 کان 24 جون تائين جاري رھڻ واري ويڙھه دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ چوڪيون قائم ڪيون ويون. اھو پھريون موقعو آھي جڏھن ايران جنگ دوران گرفتارين جو ڪل انگ فراھم ڪيو آھي.











