رياض -13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر بريده ۾ ٿيل کجور ميلي ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ ريالن جي کجور جا سودا ٿيا جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. ميلي کي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي کجور جو پهرين عالمي مارڪيٽ جو درجو رکي ٿو.کجور ميلي جي اعليٰ ڪميٽي موجب هي ميلو سعودي جي کجور جي پيداوار کي سلڪ روڊ سان …
سعودي عرب جو بريده کجور ميلو، 3 ارب 20 ڪروڙ ريال جي سودن جو نئون رڪارڊ قائم، ميلو گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل

مزید خبریں
رياض -13 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر بريده ۾ ٿيل کجور ميلي ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ ريالن جي کجور جا سودا ٿيا جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. ميلي کي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي کجور جو پهرين عالمي مارڪيٽ جو درجو رکي ٿو.کجور ميلي جي اعليٰ ڪميٽي موجب هي ميلو سعودي جي کجور جي پيداوار کي سلڪ روڊ سان جوڙي عالمي واپار کي هٿي وٺرائي ۽ سعودي کجور جي روانگي واپار جا نوان رستا کولي ٿو. هن چيو ته علائقي مان اٽڪل 578 هزار ٽن کجور پرڏيهي ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي آهي، جيڪا ملڪ جي ويزن 2030ع جي ڪاميابين ۾ مددگار آهي. هن چيو ته سعودي عرب کجور جي ايڪسپورٽ جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان اڳيان آهي، 2024ع لاءِ ايڪسپورٽ جي ماليات 1.695 ارب ريال تائين پهچي وئي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت موجب سعودي عرب ۾ 300 کان وڌيڪ کجور جا قسم پيدا ٿين ٿا، جڏهن ته ساليانو کجور جي پيداوار 1.6 ملين ٽن کان وڌي چڪي آهي.











