سرينگر -13 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نائب چيئرمين غلام احمد گلزار چيو آهي ته 14 آگسٽ پاڪستان جو يوم آزادي ڪشميرين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن ته 15 آگسٽ ڀارت جو يوم آزادي ڪشميرين لاءِ ڪارو ڏينهن ڇاڪاڻ ته ڀارت ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي فوجي طاقت جي زور تي قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا …
ڀارت جو آزادي وارو ڏهاڙو ڪشميرين لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، ڄمون ڪشمير ۾ هڙتال جو سڏ، حريت ڪانفرنس پاران پاڪستان کي يوم آزادي تي مبارڪون

مزید خبریں
سرينگر -13 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نائب چيئرمين غلام احمد گلزار چيو آهي ته 14 آگسٽ پاڪستان جو يوم آزادي ڪشميرين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن ته 15 آگسٽ ڀارت جو يوم آزادي ڪشميرين لاءِ ڪارو ڏينهن ڇاڪاڻ ته ڀارت ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي فوجي طاقت جي زور تي قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سرينگر مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪشميري پاڪستان کي پنهنجو محسن ۽ سفير جڏهن ته ڀارت کي ظالم ۽ جابر سمجهن ٿا جنهن سندن خوداراديت وارو حق کسي رکيو آهي. هن چيو ته ڪشميري پاڪستان جي عوام کي يوم آزادي جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏين ٿا ۽ پاڪستان جي استحڪام، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهن. ڇاڪاڻ ته مستحڪم پاڪستان ئي ڪشميرين جي بهترين مفاد ۾ آهي. هن 15 آگسٽ کي ڀارت جي يوم آزادي کي ڪشميرين لاءِ ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي عوام کي اپيل ڪئي ته ان ڏينهن والاريل علائقي ۾ هڙتال ڪري ڀارت خلاف مظاهرا ڪيا وڃن ۽ ريليون ڪڍيون وڃن. هن چيو ته ڀارت کي والاريل علائقي ۾ پنهنجو يوم آزادي ملهائڻ جو ڪو به حق ناهي.











