اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ڪئي. ان موقعي تي اي جي ڪي جو اڳوڻو وزيراعظم راجه فاروق حيدر، مواصلات جو وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. پلاننگ ڪميشن مطابق ملاقات دوران آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن، بنيادي …
رٿابندي واري وفاقي وزير سان آزا ڄمون ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد -13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ڪئي. ان موقعي تي اي جي ڪي جو اڳوڻو وزيراعظم راجه فاروق حيدر، مواصلات جو وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. پلاننگ ڪميشن مطابق ملاقات دوران آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ان موقعي تي چيو ته ڪشمير ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته آزاد ڪشمير جا سياحتي ماڳ پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اي جي ڪي جي قانونسازي اسيمبلي ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ وزارت پاران مڪمل سهڪار جاري رهندو. هن چيو ته راتوهاهريام پل جي تعمير تيزي سان جاري آهي، جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي فاٽا لاءِ پڻ حصو رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان کي دفاعي ۽ سفارتي محاذ تي تاريخي ڪاميابي ملي آهي، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان قومي ترقي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرايون ڇاڪاڻ ته پاڪسان ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ آهي.











