اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي جي گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن 12 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد ۾ پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي جي تازي دور جو انعقاد …
پاڪستان ۽ آمريڪا پاران دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي جي گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن 12 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد ۾ پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري مڪالمي جي تازي دور جو انعقاد ڪيو، جنهن ۾ دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهو مڪالمو گڏيل قومن جي لاءِ خصوصي سيڪريٽري نبيل منير ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر گريگوري ڊي – لوجر فو جي گڏيل صدارت ۾ ٿيو. ٻنهي وفدن دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جا موثر طريقا اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جن ۾ بلوچ لبريشن آرمي، داعش خراسان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جهڙن گروهن کان خطرا شامل آهن. آمريڪا انهن دهشتگرد عنصرن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي مسلسل ڪاميابين کي ساراهيو، جيڪي خطي ۽ دنيا جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهن. وڌيڪ اهو ته آمريڪا پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويل شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو، جن ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ خضدار ۾ اسڪول بس تي بم ڌماڪو شامل آهن. ٻنهي وفدن سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي مقصدن جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي استعمال جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي ڍانچن کي مضبوط بڻائڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جي پڻ توثيق ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي جي موثر ۽ پائيدار طريقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي ورجائيندي ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل ۽ منظم رابطا برقرار رکڻ انتهائي اهم آهن.











