نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستاني بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي جو جائزه اجلاس

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستاني بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي جو جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بندرگاهن تي واپاري سامان جي رش ۾ گهٽتائي، واپاري سهولت جي استحڪام ۽ درآمدات، برآمدات سميت مجموعي اقتصادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ لاجسٽڪ نظام جي بهتري جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستاني بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي جو جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بندرگاهن تي واپاري سامان جي رش ۾ گهٽتائي، واپاري سهولت جي استحڪام ۽ درآمدات، برآمدات سميت مجموعي اقتصادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ لاجسٽڪ نظام جي بهتري جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس دوران ڪارڪردگي جي فروغ، ٽرن ارائونڊ ٽائيم کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارگو جي آسان هينڊلنگ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تجويزن جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي جي جدت، علائقائي ۽ عالمي واپار ۾ پاڪستان جي مسابقت جي فروغ جي عمل جي اهميت ۽ بهتري تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ريلوي واري سيڪريٽري، اين سي ايس آءِ ايف سي، ڊي جي اين ايل سي، اي ايس ميري ٽائيم افيئرز ۽ ٻين سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.