اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهڙي گورننس ماڊل جو جائزو ورتو ويو جيڪو واضح ۽ معروضي ڪارڪردگي جي معيار سان گڏ شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ فني طور تي ڪارائتو هجي جنهن جو مقصد هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ آهي جيڪو نتيجن تي ٻڌل، جوابده …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهڙي گورننس ماڊل جو جائزو ورتو ويو جيڪو واضح ۽ معروضي ڪارڪردگي جي معيار سان گڏ شفاف، ميرٽ تي ٻڌل ۽ فني طور تي ڪارائتو هجي جنهن جو مقصد هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ آهي جيڪو نتيجن تي ٻڌل، جوابده ۽ عوامي ضرورتن جي فراهمي جو ذميوار هجي. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس دوران حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوامي خدمتن جي بهتري ۽ فروغ جي لاءِ اداراجاتي ڪارڪردگي، سُڃاڻپ جي طريقيڪار ۽ ٺوس نتيجن جي فراهمي جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن ۽ پيٽروليم وارن وزيرن شرڪت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار، گورننس ۽ نجڪاري وارو صلاحڪار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.